Ad Code

Responsive Advertisement

مائڪرو چپ ڊيجيٽل ڪرنسي

 مائڪرو چپ ڊجيٽل ڪرنسي 



ايندڙ وقت ۾ توهان کي سڃاڻپ ڪارڊ اي ٽي ايم ڪارڊ لاڪر ڪرونا وئڪسين ڪارڊ پاسپورٽ ڊرائيور لائسنس سميت ڪنهن به اهڙي شيء جي ضرورت ڪون پوندي ڇو جو دنيا جا سائنسدان هاڻي مائڪروچپ ايجاد ڪري چڪا آهن جيڪي مڪمل سڃاڻپ سان گڏ توهان جي ضرورت واريون شيون ان ۾ ئي هونديون 

ڊجيٽل ڪرنسي 

هڪڙو دور هئو جنهن ۾ جست پتل ٽامي سون جا سڪا هلندا هئا دور مٽجڻ کانپوء انهن سڪن جي جڳھ تي نوٽ اچي ويا هاڻي دنيا مان نوٽن جو رواج ختم ٿيڻ ڏانهن وڌي رهيو آهي هاڻي ڊجيٽل ڪرنسي ڏانء وک پيا کڻون ڊجيٽل ڪرنسي ڇا آهي ان کي سمجهڻ جي ضرورت آهي نوٽ ختم ٿي ويا ته اسان جي هٿن ۾ ڊجيٽل ڪرنسي جا رڳي انگ اکر هوندا ڊجيٽل ڪرنسي توهان جي جيز ڪيش ايزي پئسا سميت بئنڪ اڪائونٽ جيان هوندي جنهن کي رڳي توهان انگ اکرن سان مٽائي سگهو ٿا ۽ انگ اکر ڏسي سگهو ٿا 

آمريڪا سميت دنيا جي ملڪن ۾ اهڙا سپر اسٽور آهن جتي توهان کي ڪا به ڪرنسي نه ڏيڻي پوندي رڳي اي ٽي ايم ڪارڊ اسڪين ڪريو اسٽور ۾ داخل ٿيو ۽ جنهن به شيء ۾ هٿ وڌو يا کنئين ان شيء جا پئسا پاڻ هي پاڻ ڪٽجي ويندا ۽ شيء جڏهن واپس رکي ته پئسا واپس اڪائونٽ ۾ اچي ويندا 

مائڪروچپ 

ڪجھ وقت اڳ چين جي صدر اها ڳالھ ڪئي هئي ته انسان کي اسيڪن ڪوڊ تي آندو وڃي جيئن ان جي مڪمل سڃاڻپ ٿي سگهي ۽ دهشتگردي تي پڻ نظر رکي وڃي انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي سائسندانن هڪڙي اهڙي مائڪروچپ ٺاهي آهي جيڪا ٻانهن ۾ هنئين ويندي ان چپ ۾ توهان جي سڃاڻپ توهان جو بئنڪ اڪائونٽ توهان جي گاڏي لاڪ توهان جي موبائل سم توهان جو ڪرونا ڪارڊ سميت ڊرائيور لائسنس پاسپورٽ مختلف گاڏين جون ٽيڪٽن سميت زندگي جون سڀئي ضرورتن واريون شيون ان چپ ۾ هونديون بس رڳي توهان کي ٻانهن اڳتي ڪري ان چپ کي اسڪين ڪرڻو پوندو توهان کي هر ضرورت واري شيء ملي ويندي 

مائڪروچپ ڪيئن استعمال ٿيندي ؟

مائڪروچپ ۾ توهان جي سڃاڻپ رت جي گروپ سميت هر هڪ ڄاڻ بئنڪ اڪائونٽ ان سان ڳنڍي اها چپ لڳائي ويندي ان کانپوء توهان دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ بنا ڪنهن پاسپورٽ ڪاغذي ڪاروائين جي سفر ڪري سگهو ٿا بس شرط اهو هوندو ان چپ کي اسڪين ڪرائڻو پوندو ان چپ کي اسيڪن ڪرائڻ کانسواء توهان نه ڪنهن گاڏي ۾ سفر ڪري سگهندو نه ڪا شيء خريد ڪري سگهندو نه ئي ڪا نوڪري سگهندو ۽ آخري ڳالھ ان چپ لڳڻ کانپوء توهان دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ لڪي وڃو يا زمين جي پنجاھ هزار فٽ هيٺ ڪنهن کاهي ۾ وڃي رهو اتي به لڪي نه سگهندو 

دماغ ۾ لڳڻ واري چپ جيڪا ٻولي سميت هر هڪ شيء ڪاپي سيٽ ٿيندي ان تي ڪڏهن لکبو

علي سومرو

Post a Comment

0 Comments